اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن خميس 5 سيپٽمبر تي ملھايو و??ند??. ھر سال سڄي دنيا ۾ خيرات ۽ عطيي سان ماڻھن جون حياتيون بچائڻ ۽ بھتري آڻڻ، بيمارين خلاف جھاد، ٻارن جي تحفظ ۽ ھزارين ماڻھن کي اميد ڏيڻ ۾ مدد ملندي آھي. عطيي جي اھميت کي نظر ۾ رکندي گ??يل قومن 2012ع ۾ اھو ڏينھن عالمي سطح تي ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ھو جنھن بعد ھر سال باقاعدگي سان اھو ڏينھن م??ھايو و??ند?? آھي. ھن ڏينھن کي 5 سيپٽمبر تي ملھائڻ جو ھڪ مقصد اهو به آهي ته اهو مڌر ٽريسا جو 5 سپٽمبر تي وفات جو ڏينھن پڻ آھي. جنھن پنھنجي سڄي ڄمار خير جي ڪمن لاءِ وقف ڪئي ھئي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد مختلف خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ آھي. عالمي ڏينھن جي مو??عي تي مختلف تقريبون م??عقد ٿيڻ ذريعي خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي شامل ڪرڻ جي ترغيب ۽ آگاھي سميت سڄي دنيا ۾ خيراتي ڪمن جي مسئلن کي نمايا ڪيو و??ند?? آھي ته جيئن اسرندڙ ملڪن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ھنن ڪمن کي وڌ کان وڌ هٿي ڏئي سگهجي. ھڪ تحقيق مطابق هر ملڪ خاص ڪري اثرندڙ ملڪن کي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي صورتحال سبب غربت جھڙين چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. اھو ئي سبب آھي ته گ??يل قومن جي سمورن م??مبر ملڪن تي زور ڀريو ويو آھي ته اهي خيراتي تنظيمن ۽ ماڻھن جي ڪوششن ۾ پنھنجو حصو وجھن ته جيئن غربت جي عالمي مسئلن کي منھن ڏنو وڃي.