اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چين پاڪستان ل??گهه تحت مين لائين ون منصوبي ??ي اپ ??ري??يشن ج?? لاءِ پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ پوري قوم پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي گذريل ڏينهن ج?? ڪوئيٽا جي دوري جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس ۽ ليويز جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ پوري قوم پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ج?? صوبائي حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، انهن ج?? ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ساراهه جوڳا قدم کڻي رهي آهي. وفاقي حڪومت بلوچ نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ بلوچستان حڪومت سان مڪمل تعاون ڪندي، وفاقي ڪابينا چين پاڪستان ل??گهه ??ي اهم منصوبي مين لائين ون ??ي اپ ??ري??يشن ج?? لاءِ چين ۽ پاڪستان ج?? ريلويز جي وچ ۾ ايم ايل ون ج?? پهرين مرحلي تي مالياتي خاطري جي حوالي سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا هدايت ڪئي ته حتمي معاهدو منظوري جي لاءِ ڪابينا آڏو ??يهر پيش ڪيو وڃي. ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 29 آگسٽ 2024ع ??ي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ج?? توثيق ڪري ڇڏي.