اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ ??اڪ??تاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه پرڏيه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال، خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي جيڪا وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ خطرو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق بابت ??اڪ??تان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي گهرجن، دنيا ج?? مختلف ح??ن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ زينو فوبيا، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز جي مسئلن تي پڻ روشني وجهندو.