سرينگر-03 آگسٽ (اي پي پي)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرينگر ۽ ٻين ??لائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ذريعي ماڻهن تي زور ڀريو ويو آهي، ته هو 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ڪاري ڏهاڙي طور ملهائن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي آئين ??ي 370 ۽ 35 اي شقن کي ??د ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي. ان غير قانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائي خلاف ڪشميرين ??ي احتجاج کي ??وڪڻ لاءِ سڄي والاريل علائقي جو فوجي گهيراء?? ڪيو ويو هو ۽ ڪشمير وادي، ڄمون ۽ لداخ ۾ 500 ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين ??نٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروسز معطل ڪيون ويون هيون. پوسٽرن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جون تصويرون موجود آهن. پوسٽرن ۾ لکيل آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ، گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي حل، سمورن سياسي نظربندن جي آزادي ۽ ڀارتي فوجين ??رفان والاريل علائقي ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين ??ي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. پوسٽر سماجي رابطن جي سائٽن ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ وغيره تي پڻ اپلوڊ ڪيا ويا آهن.