اسلام آباد – 26 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف طائر وز??راعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي وز??راعظم تاجڪ سفير جي آجيان ڪندي پاڪستان ۾ سندس مقرري جي مدي جي ڪاميابي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران هلندڙ مهيني دوشنبي جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وز??راعظم چيو ته هو تاجڪ صدر امام علي رحمان جي شاندار استقبال کان تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ دوري دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن/ معاهدن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وز??راعظم زور ڏنو ته انهن تي وقت سر عملدرآمد سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وز??راعظم شهباز شريف صدر رحمان کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي شرڪت جو منتظر آهي. تاجڪ سفير وز??راعظم کي ??عل??م، زراعت ۽ دفاع س??يت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ زميني ۽ فضائي رستن جي ذريعي رابطن کي وڌائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي تاجڪ سفير سان رابطو ڪري انهن تجويزن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ڪاسا – 1000 سميت علائقائي رابطن جا ٻيا منصوبا به بحث هيٺ آي??. ت??جڪ سفير وز??راعظم جي استقبال تي سندس ٿورا مڃيا، کيس تاجڪ صدر پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.