اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پ??داوار واري وفاقي وزير راڻا تنوي?? حسين چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ??ين??و، چيف سيڪريٽريز کنڊ جي ريٽيل پرائس مستحڪم رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. اهڙو اظهار هن شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته کنڊ جي ايڪس ملز جي قيمت تازن مهينن ۾ مستحڪم رهي. ان موقع?? تي وفاقي وزير چيو ته چيف سيڪريٽريز کنڊ جي ريٽيل پرائيس مستحڪم رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. هن صوبن کي به کنڊ جي قيمت جي سختي سان نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. راڻا تنوي?? حسين چيو ته کنڊ جي قيمتن کي برقرار رکڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ??ين??و.