اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن ??قو?? سان سر??ل??ڪا جي هاءِ ڪمشنر ايڊمرل (ر) رويندرا چندرا سر?? وجي گورناتني ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سر??ل??ڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد پاڪستاني شهرين جي آزادي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سر??ل??ڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي 7 ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سر??ل??ڪا ۾ پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي لاءِ ٻنهي طرفن کان جلد ڪارروائي مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سر??لنڪن هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيدين جي آزادي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير محسن ??قو?? قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سر??لنڪن هاءِ ڪمشنر جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن ??قو?? چيو ته سر??ل??ڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي لاءِ سمورن قدمن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. ملاقات ۾ منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته سر??ل??ڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ تيزي سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منشيات جي خاتمي ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي حوالي سان گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم گهرج آهي. سر??لنڪن هاءِ ڪمشنر چيو ته سر??ل??ڪا پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو.اي پي پي/ز – ج/ر – م 17:57