اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد ??سحاق ڊار سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد ??لمالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ??سٽ??يٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير حج دوران حاجين کي ڏني ويندڙ س??ول??ن کي پڻ ساراهيو.