اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف مارگلا جي جبلن تي لڳل باهه تي وقت سر ضابطو آڻڻ تي سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته باهه سان ٻيلن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي بحالي ج?? لاءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز ه?? ممڪن طبي امداد فراهم ڪن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اع??م چيو ته پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، اسلام آباد انتظاميا ۽ موسمياتي تبديلي واري ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي باهه اُجهائڻ ج?? لاءِ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پاڪ فوج پاران باهه اجهائڻ ج?? لاءِ هيليڪاپٽرز جي فراهمي تي ٿورائتا آهيون. هن چيو ته باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ وزي??اع??م هائوس جا هيليڪاپٽرز، سڪسٿ ايوي ايشن پڻ وزي??اع??م جي هدايت تي حصو ورتو. وزي??اع??م انهن جي ڪوششن جي پڻ پذيرائي ڪئي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان باهه سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو، باهه سان ٻيلن کي پهچندڙ نقصان جو تعين ڪري ان جي بحالي ج?? لاءِ قدم کنيا وڃن، باهه ۾ زخمي ٿيندڙ جهنگلي جيوت کي ويٽرنري ڊاڪٽرز ه?? ممڪن طبي امداد فراهم ڪن.