اسلام آباد – 01 – مئي (ا?? پي پي) پاڪستان گذريل ڏينهن افغانستان جي شهر هرات جي ??ڪ مسجد تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي ??تيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت افغانستان جي عوام سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪن ٿا ۽ ڏک جي ??ن گهڙيءَ ۾ اسان جا احساس ۽ دعائون متاثرين ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان عبادتگاهن تي ڪڌي حملن سميت هر قسم جي دهشتگردي جي ??ذمت ڪري ٿو.