اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اها ڪميٽي ڪمپني?? جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن کي اڪلائيندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وز??راعظم سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپني?? جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ”سرڪاري ملڪيت وارين انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او ??يس او ??يز)“ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين (ايس او ??يز) ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسي?? جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي نگراني ڪرڻ، ايس او ??يز جي بورڊز ۾ مقررين بابت معاملن، ايس او ??يز بابت سڌارا ۽ تجويزون ڏيڻ، ايس او ??يز جي مالي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، ايس او ??يز جي لاءِ پاليسين، هدايتن ۽ گائيڊ لائينز جي تجويز ۽ ڪابينا کي سفارش ڪرڻ، سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين کي ڪنهن به عوامي خدمت جو فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ هدايت جاري ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ ۽ ايس او ??يز ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين ۾ شامل ڪنهن به ٻئي لاڳاپيل معاملي جو جائزو وٺڻ شامل آهي. ڪميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وز??ر هوندو جڏهن ت?? ميمبرن ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وز??ر، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وز??ر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وز??ر، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وفاقي وز??ر جڏهن ت?? خصوصي دعوت تي نائب چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ميمبر هوندو.