اسلا آباد-01 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پ??رٽ??ن جو اميدوار سردار اي??ز صادق 199 وٽ کڻي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف کائنس ميمبرشپ جو حلف ورتو. قومي اسيمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊن لاءِ پولنگ ٿي، پولنگ جو عمل 11 وڳي کان جمعي جي نماز بعد تائين جاري رهيو جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ٻئي عمل?? سان پولنگ اي??نٽن جي موجودگي ۾ ووٽن جي ڳڻپ ڪئي، ڪل 291 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، هڪ ووٽ رد ٿيو. سردار اي??ز صادق 199 ووٽ جڏهن ته سندس مقابلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عامر ڊوگر 91 ووٽ حاصل ڪيا. ڳڻپ کانپوءِ اتحادي پ??رٽ??ن جي ميمبرن سردار اي??ز صادق کي مبارڪون ڏنيون. ان کانپوءِ نئين چونڊيل اسپيڪر سردار اي??ز صادق پنهنجي حريف سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار ملڪ عامر ڊوگر جي سيٽ تي ويو ۽ جمهوري عمل جو حصو بڻجڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو. اي??ز صادق قومي اسيمبلي جو 22 هون اسپيڪر چونڊجي ويو. هو ان کان اڳ 2013 کان 2018 تائين به قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رهيو.