اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مختلف ادارن جي نئين سر جوڙجڪ، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪا??وبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ن??را?? حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته اسان چونڊيل حڪومت جي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي ڏئي وڃي رهيا آهيون جيڪا يقيني طور تي عوام ۽ قومي مفاد جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي جڏهن ته ڪا??ينا چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ تعاون جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه حڪومت پاران ”ٽرڪش آرمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي ن??را?? وزيراعظم ن??را?? حڪومت جي مختصر عرصي دوران پنهنجي ڪا??ينا ۽ سول سرونٽس جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيندي انهن جا ٿورا مڃيا. ن??را?? وزيراعظم چيو ته اسان ملڪي معيشت کي اڳ کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃي رهيا آهيون، ن??را?? حڪومت جي مختصر وقت ۾ ڪا??ينا بهترين ڪا??ڪردگي ڏيکاري. هن چيو ته اسان چونڊيل حڪومت جي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي ڏئي وڃي رهيا آهيون جيڪا يقيني طور تي عوام ۽ قومي مفاد جي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته ن??را?? حڪومت جي سمورن فيصلن ۽ پاليسي سازي ۾ ملڪي مفاد کي سدائين اولين ترجيح ڏني وئي. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وفاقي ڪا??ينا مختلف ادارن جي نئين سر تنظيم سازي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪا??وبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ن??را?? حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪا??ينا سيڪريٽري وفاقي بيوروڪريسي پاران ن??را?? وزيراعظم مدبراڻي قيادت کي ساراهيندي چيو ته ملڪ کي درپيش اهم چئلينجز ۾ توهان پاران ملڪي مفاد ۾ اهم مشڪل فيصلا ڪيا ويا جن جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وفاقي ڪا??ينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي لبنيٰ فاروق ملڪ کي ڊيپوٽيشن تي فنانشل مانيٽرنگ يونٽ (ايف ايم يو) جي ڊائريڪٽر جنرل طور مدي ۾ 9 جون 2023ع کان 8 جون 2024ع تائين واڌ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ تعاون جي حوالي سان سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه حڪومت پاران ”ٽرڪش ارمڊ فورسز ليجئن آف ميرٽ“ ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سفارش تي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، پاڪستان جي حڪومت ۽ خليفه انٽرنيشنل ايوارڊ فار ڊيٽ پام اينڊ ايگريڪلچر انوويشن، گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان مفاهمتي ياداشت تحت پهريون پاڪستان انٽرنيشنل ڊيٽ پام فيسٽيول سيپٽمبر 2024ع ۾ منعقد ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ کجور جي پيداوار جو فروغ آهي. وفاقي ڪا??ينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 ۽ 14 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪا??ينا حڪومتي ملڪيتي اداراجات بابت ڪا??ينا ڪميٽي جي 16 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن ۽ ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪا??ينا ڪميٽي جي 16 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.