اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير عام چونڊون 2024 ڪاميابي سان ??نعقد ٿيڻ تي سڄي پاڪستاني قوم، نگران حڪومت، سياسي پارٽين ۽ سمورن ڪامياب ٿيل اميدوارن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام جي پنهنجي راءِ ڏيڻ جي حق جي استعمال لاءِ آزاد ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي شرڪت جمهوريت لاءِ سندس عزم جو ثبوت آهي، الله ڪري اهي چونڊون سياسي ۽ م??اشي استحڪام آڻن ۽ اسان جي پياري پاڪستان ??اءِ امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ثابت ٿين. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيف آف آرمي اسٽاف چيو ت?? قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قيادت ۽ اهلڪار تمام گهڻين ڏکيائين باوجود چونڊ عمل لاءِ محفوظ ماحول بڻائڻ لاءِ سڀني کان ??ڌيڪ تعريف جا مستحق آهن. قومي ميڊيا، سول سوسائٽي، سول انتظاميا ۽ عدليه جي ميمبرن جي تعميري ??رد??ر قومي تاريخ جي سڀني کان ??ڏي چونڊ مشق کي ڪاميابي سان ??نعقد ڪرائڻ کي ممڪن بڻايو. چيف آف آرمي اسٽاف چيو ت?? سمورين جمهوري قوتن جي نمائنده متحد حڪومت، پاڪستان جي سياست کي قومي مقصد سان گڏ بهتر طريقي سان ??يش ڪندي، چونڊ ۽ جمهوريت پاڪستان جي عوام جي خدمت جو ذريعو آهن، قوم کي انتشار ۽ ورهائڻ جي سياست کان اڳتي وڌڻ لاءِ مستحڪم هٿن ۽ هڪ صحت بخش عمل جي ضرورت آهي. انتشار ۽ ورهائڻ واري سياست 25 ڪروڙ آبادي واري ترقي پسند ملڪ لاءِ مناسب ناهي. چيف آف آرمي اسٽاف چيو ت?? چونڊ کٽڻ يا هارائڻ جو مقابلو نه پر عوام جي مينڊيٽ جو تعين ڪرڻ جي مشق آهي، سياسي قيادت ۽ انهن جي ڪارڪنن کي ذاتي مفادن کان ??ٿانهون ٿي حڪومت ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ گهرجي جيڪو جمهوريت کي فعال ۽ بامقصد بڻائڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ت?? پاڪستان جي عوام پاڪستان جي آئين تي پنهنجو گڏيل اعتماد ظاهر ڪيو آهي، هاڻي سمورن سياسي پارٽين تي فرض آهي ته اهي سياسي پختگي ۽ اتحاد سان ان جو جواب ڏين، جڏهن اسان ان ??ومي سنگ ميل کان اڳتي وڌون ٿا ته اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته اڄ ملڪ ڪٿي بيٺو آهي ۽ باقي قومن ۾ اسان جو صحيح مقام ڪٿي هجڻ گهرجي. آرمي چيف خواهش جو اظهار ڪيو ت?? اهي چونڊون سياسي ۽ م??اشي استحڪام آڻڻ ۽ اسان جي پياري پاڪستان ??اءِ امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ثابت ٿين.