اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) ايران جو پرڏ??هي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني جي دعوت تي صبح جو اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي پرڏ??هي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) رحيم حيات قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏ??هي آفيس جي بيان موجب ايراني پرڏ??هي وزير ان دوري دوران نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان به ملاقات ڪندو. اهو اعليٰ سطح جو دورو ان وقت ٿيو جڏهن ٻنهي ملڪن 22 جنوري تي پنهنجي گڏيل بيان ۾ اعلان ڪيو هو ته ٻنهي ملڪن جا سفير پنهنجي پنهنجي عهدن تي واپس ويندا ۽ ايراني پرڏ??هي وزير اسلام آباد جو دورو ڪندو. ??ن کان اڳ ايران پاران هلندڙ مهيني پاڪستان جي فضائي حدن جي خل??ف ورزي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا جنهن کانپوءِ پاڪستان پاران ايران جي اندر پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ حملا ڪيا ويا.