اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پا??ستان جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ ريڊيو پا??ستان ويو ۽ ساڻس والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي ريڊيو پا??ستان سعيد احمد شيخ سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ت?? والده جو ڪو نعم البدل نه آهي، والده جو لاڏاڻو وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، پنهنجي زندگي مان ماءُ کي ڪڍي ڇڏيو ت?? زندگي ۾ ڪجهه نٿو رهي. توهان آخري ڏينهن ۾ پنهنجي والده جي تمام گهڻي خدمت ڪئي جيڪا اطمينان جوڳي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ سعيد احمد شيخ سميت سمورن ??هر??اتين کي صبر جميل عطا فرمائي.