اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آءِ ٽي جو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جي پنجين ??جل??س کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ??جل??س کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي لاءِ سڄي دنيا مان آءِ ٽي ماهرن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ضروري پاليسيون ٺاهيون و??ن. ??ن چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان مثبت اڳڀرائ?? پڻ ٿي آهي. ??جل??س اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جي چوٿين ??جل??س جي فيصلن جي توثيق ڪئي جڏهن ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جي بجيٽ ۽ فنانس، آڊٽ ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽين جي نئين سر جوڙجڪ جي منظور?? پڻ ڏني وئي. ??جل??س اٿارٽي جي لائيسنسنگ فريم ورڪ، اٿارٽي پروسيجرز ۽ فيس ريگيوليشنز جي مسودن کي ٽيڪنيڪل ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ ج?? پڻ منظوري ڏني. ??جل??س ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي حوالي سان مختلف معاملا بحث هيٺ آيا. ??جل??س ۾ ڪابينا جي ناڻي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وارن وفاقي سيڪريٽريز، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي.