برسلز – 28 – نومبر (اي پ?? پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني برسلز ۾ پناهگيرن جي اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان جاري عال??ي ڪانفرنس جي موقع?? تي عالمي حصيداري بابت ڪمشنر جٽا ارپيلينن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطر??ن لاڳاپن، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ جاري ترقياتي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقع?? تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطر??ن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، يورپي يونين، پاڪستان جو اهم واپاري ۽ اقتصادي حصيدار آهي. ڌرين گلوبل گيٽ وي ۽ هورائزن يورپ تحت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ پڻ ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.