اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي قائم ڪرڻ سميت ٽن بل?? ج?? منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشنز (ٻي ترميم) بل 2023ع ج?? منظوري ڏني آهي. بل جو مقصد اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ بل 2023ع ج?? منظوري ڏني. بل جو مقصد پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ قائم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي بل 2023ع ج?? منظوري ڏني. بل جو مقصد ايئرپورٽس جي بهتر انتظام، آپريشن ۽ ترقي ۽ ايئر ٽرانسپورٽ خدمتن ۾ بهتري جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جو قيام آهي. صدر ٽنهي بل?? ج?? منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي.