اسلام آ??اد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن پشاور جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پشاور ۾ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو، اها يونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا انهن ضلعن جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار جي عين موجب ??عليٰ تعليم فراهم ڪندي. 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ??ين??ڙ ان يونيورسٽي جو بنياد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو. وزيراعظم پشاور ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو. ان موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.