اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جي معاهدي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو آهي ته ان معاهدي تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، ان معاهدي تحت قابل تجديد توانائي جي صلاحيت 10 هزار ميگاواٽ آهي، پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ گڏيل عرب امارات اهم ڪردار ادا ڪيو، هر مشڪل وقت ۾ گڏيل عرب امارات پاڪستان جو ساٿ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪوپ – 28 جي صدر ۽ گڏيل عرب امارات جي موسمياتي تبديلي وارو ??صو??ي نمائندو، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير سلطان احمد الجابر پڻ وفد سان گڏ موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته گڏيل عرب امارات جي وفد جي آجيان ڪريان ٿو، ڪوپ – 28 ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورائتو آهيان. هن چي?? ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جو معاهدو خوش آئنده آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور سميت قابل تجديد توانائي ۾ تعاون جو بهترين موقعو آهي، گڏيل عرب امارات جي ڪمپنين کي ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته اسان پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪر?? جي لاءِ شاندار منصوبو تيار ڪيو آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي منصوبي جيصلاحيت 10 هزار ميگاواٽ آهي، پنجاب، بلوچستان سميت ٻين علائقن ۾ سج جي روشني کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ونڊ پاور مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن چي?? ته اسان مفاهمت جي ان ياداشت کي معاهدي ۾ تبديل ڪري ان تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائينداسين. هن چي?? ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ پڻ گڏيل عرب امارات جو اهم ڪردار آهي جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خو??هش?? جو اظهار ڪريان ٿو، سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات جي مدد کانسواءِ اهو معاهدو ممڪن نه هو، ناڻي واري وزير اسحاق ۽ ان جي ٽيم پڻ ڀرپور محنت ڪئي. ڪوپ – 28 جي صدر ۽ گڏيل عرب امارات جي موسمياتي تبديلي جي نمائندي صنعت ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر ڳالهه ٻولهه ڪندي چي?? ته شاندار ميزباني تي پاڪستان جو ٿورائتو آهيان، گڏيل عرب امارات جي صدر پاران پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خو??هش?? جو اظهار ڪريان ٿو. هن چي?? ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ??صو??ي دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا ۽ پائيدار حصيداري آهي، اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نوان موقعا ڳولي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪر?? جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته ڪوپ – 28 ڪانفرنس ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏي?? جي لاءِ نتيجاخيز ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙيو ويندو. هن چي?? ته ڪانفرنس ۾ سمورين ڌرين کي برابر موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪيو ويند?? ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ان کي منهن ڏي?? جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج ۽ مالياتي عدم فراهمي سميت سمورن رخن جو جائزو وٺي سگهجي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي جو معاهدو ٻنهي رخن ۾ بهترين قدم آهي، پاڪستان سان ان شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خو??هش??ند آهيون.