اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) جرئت ۽ بهادري جو جيڪو لازوال ??استان لکيو، ان کي سدائين ياد رکيو ويندو. حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم حوالدار لالڪ جان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته قوم جي ان فرض شناس ۽ بهادر فرزند ملڪ جي دفاع لاءِ بهادري ۽ جرئت جي اها لازوال ??استان لکي جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ هجي يا ٻاهرئين جارحيت جي خلاف ملڪ جي دفاع جو معاملو، اس??ن جي غازين سدائين پيشيواراڻي مهارت ۽ جوانمردي ۽ اس??ن جي شهيدن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري قومي نظريي، ملڪي سالميت ۽ اس??ن جي آزادي جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حوالدار لالڪ جان شهيد سميت سمورن شهيدن جا درجا بلند فرمائي.