اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي وفاقي بجيٽ تي ٻئي ڏينهن به بحث جاري رهيو. ان دوران ميمبرن مشڪل معاشي صورتحال ۽ چئلينجن باجود بجٽ کي متوازن قرار ڏن??. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پيشن ۾ معمولي اضافو ڪيو ويو آهي، حڪومتي قدمن سان مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ج?? اميد آهي، مشڪل حالتن کانپوءِ بهتريءَ جي اميد آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ تي بحث وٺندي قومي اسيمبلي ۾ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته مهمند، داسو ۽ ڀاشا ڊيمن جي تعمير کي قومي ترجيح بڻايو وڃي ته اسان وٽ ايتري دولت اچي ويندي ج?? ٻئي طرف نِهارڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، اسان پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻا پوندا، زراعت تي ڌيان ڏن?? وڃي ته هتي ڪوبه بُکيو نه مرندو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ انتهائي سٺو قدم آهي، غريب جي غربت دُور ڪرڻ سان ئي معيشت ۾ بهتري ايندي، دعا آهي ته ملڪ ۾ چونڊون مقرر وقت تي ٿين، هتي حقيقي ج??هوريت هوندي ته ملڪ تي ڪو خطرو نه رهندو. جماعت اسلامي ج?? پارلياماني ليڊر مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته جيست??ئي?? آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 38 ايف مطابق ملڪ کي وياج جي لعنت کان پاڪ نه ڪبو تيست??ئي?? ملڪ ترقي نٿو رڪي سگهي، مالاڪنڊ ڊويزن ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ ٽيڪسن جي ڇوٽ جي مدت 2033ع ت??ئي?? جي توسيع ڪئي وڃي. هن چيو ته نئين مالي سا?? جي 14 ٽريلين جا وفاقي بجيٽ ۾ 7 ٽريلين وياج جي ادائگيءَ تي خرچ ٿيندا، عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ سٺو سنوڻ آهي پر اهو ايڊهاڪ الائو??س آهي، پينشنرن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ج??ڪو گهٽ آهي. ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ هاڻ پي ٽي وي ج?? ملازمن کي پينشن جي سهولت ڏن?? وڃي. متحده مجلس عم?? جي مولانا محمد انور بجيٽ تي بحث ڪندي چيو ته گذريل سال ايندڙ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن کي ج??د مڪمل ڪيو وڃي. نور الحسن تنوير بحث ۾ حصو وٺندي ڏُکين ۽ نامناسب حالتن ۾ هڪ سٺو بجيٽ پيش ڪرڻ جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته مخالفن کي تنقيد لاءِ ڪوبه جواز ناهي ملي رهيو، جڏهن ته پارليامينٽ ميمبرن جيڪي تجويزون ڏن??ون آهن انهن کي حڪومت نظر ۾ رکندي قدم کڻندي. هن تجويز ڏن?? ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻارن جي تعليم لاءِ سهولتن ۾ اضافو ڪيو وڃي. مهيش ڪمار چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو هڪ سٺو قدم آهي. هن چيو ته 9 مئي هڪ ڪارو ڏينهن هو، فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ 2600 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي رهي آهي، ٿر جي علائقي ۾ ڪيترائي ڳوٺ اهڙا آهن جتي اڃا ت??ئي?? بجلي ناهي، ٿر لاءِ ترقياتي منصوبن لاءِ رقم مختص ڪئي وڃي. شاهده رحماني چيو ته هن ملڪ جي آئين سان مذاق ڪيو ويو، اسان جي پارٽي ڊگها جيل ڪاٽيا آهن، پر اسان جو ورڪر پنهنجي پارٽيءَ سان گڏ بيٺل رهيو. جيڪي اڊيالا جيل ۾ 2 ڏينهن ناهن گذاريا انهن کي ٻُڌ??ئي??دا هلون ته فريال ٽالپر کي عيد رات گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته ان استقامت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي هڪ سال ۾ ڪيترائي ڀيرا احتجاج جو مُنهن ڏسڻو پيو. بدترين ٻوڏ جو مُنهن ڏسڻو پيو، ميڊيا ورڪرن لاءِ ان بجيٽ ۾ هيلٿ انشورنس ڏن?? وئي آهي ج??ڪو سٺو سنوڻ آهي.