وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ايف سي جون پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪري ڇڏيون

image

لاهور – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ايف سي جون پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪري ڇڏيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وڏي عيد تي ايف سي جي آفيسرن ۽ جوانن جي لاءِ وڏي خوشخبري ٻڌائيندي ايف سي جون پگهارون پاڪ فوج جي برابر ڪري ڇڏيون. ايف سي جي پگهارن ۾ پاڪ فوج جي نسبت فرق هو جنهن کي وزيراعظم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهو اعلان پاڪ افغان سرحد تي پاراچنار جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن خطاب ۾ ڪيو. وزيراعظم اهو قدم ايف سي جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڪيو آهي.

مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں