اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ پلاننگ ڪميشن جي جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 24 ارب 89 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب جاري ترقياتي منصوبن ۾ پلاننگ ڪميشن ۾ اداراجاتي سڌارن جي لاءِ 50 ڪروڙ، ??ينٽر فار ايڪسيلينس جي لاءِ 25 ڪروڙ، چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور جي لاءِ 20 ڪروڙ، پاليسي اورينٽيڊ پروگرام جي لاءِ 67 ڪروڙ، ??ينٽگريٽيڊ انرجي پلاننگ جي لاءِ 15 ڪروڙ، ??نوويشن سپورٽ پراجيڪٽ جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته نئين منصوبن ۾ پائيڊ جي لاءِ 70 ڪروڙ، ??وڊيشل پراجيڪٽ ريفارمز ??ي لا??ِ 5 ڪروڙ، پوسٽ فلڊ 2022ع بحالي پروگرام جي لاءِ 6 ارب رپين سميت مختلف منصوبن جي لاءِ ف??ڊز رکيا ويا آهن.