اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي اٽڪل 14 ٽر??لي?? رپيا ماليت جي وفاقي بجيٽ سڀاڻي (جمعي) ڏينهن پيش ڪندي، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندو. حڪومت ملڪي ۽ عالمي سطح تي معيشت کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بجيٽ ٺاهي وئي آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ر??لي?? ڏيڻ، زرعي شعبي جي ترقي ۽ زرعي صنعت ۾ نواڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. حڪومت عوام ۽ ڪاروبار دوست وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جي لا??ِ پوري طرح سان پرعزم آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لا??ِ مالياتي استحڪام جي پاليسين تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻاهرئين مالياتي ادائيگين جي انتظام کانسواءِ اوڳاڙين ۾ اضافي، اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جي لا??ِ قدمن، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي جي لا??ِ عوام دوست پاليسيون بجيٽ ۾ شامل ڪيون وينديون. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ گورننس ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي لا??ِ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ سڌارا متعارف ڪرائڻ کانسواءِ سماجي شعبي جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. حڪومت ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لا??ِ قدم کڻندي. جاري مالي سال دوران اوڳاڙين جي مضبوط واڌويجهه کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران مالي سال 24 – 2023ع جي لا??ِ اوڳاڙين جي وصولي جو هدف 9 ٽر??لي?? رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نئين مالي سال 24 – 2023ع جي وفاقي بجيٽ جي لا??ِ سموريون تياريون جاري آهن.