اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي ل??ءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستان جي مستقبل کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ تائين ذاتي نگراني سان پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان روٽري فائونڊيشن جي وفد انٽرنيشنل پوليو پلس ڪميٽي جي سربراهه مائيڪ ميڪ – گورن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روٽري جي عهديدارن عزيز ميمڻ، فيض ڪنڊوائي، عدنان روحيلا ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عم??دا??ن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته پوليو جي خاتمي ل??ءِ روٽري انٽرنيشنل ۽ بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. حڪومت پوليو جي خاتمي جي ورڪرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيرا??ظم 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ روٽري انٽرنيشنل پاران رهائشي منصوبن جي قيام جي پذيرائي ڪئي. وزيرا??ظم لاڳاپيل عم??دا??ن کي پوليو جي ايندڙ مهم جي ل??ءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزيرا??ظم ٻڌايو ته روٽري انٽرنيشنل ۽ پوليو جي خاتمي ل??ءِ مهم جي ل??ءِ ٻين حصيدارن به هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر مخصوص ڪيا آهن. ملاقات ۾ عم??دا??ن وزيرا??ظم کي ملڪ ۾ پوليو مهمن جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه پوليو جي خاتمي ل??ءِ خصوصي مهم جي شروعات به ڪئي پئي وڃي. وزيرا??ظم لاڳاپيل عم??دا??ن کي خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ فول پروف بڻايو وڃي. وزيرا??ظم صحت واري قومي وزارت جي عم??دا??ن کي به ايندڙ پوليو مهم جي خاتمي ل??ءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي.