اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري ملڪ ۾ پارليا??ين?? بابت سوال اٿي رهيا آهن، اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پارليا??ين?? آئين، جمهوريت ۽ اعليٰ عدليه جي چار ٽي جي اڪثريتي بئنچ سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرارداد پيش ڪئ?? ته پاڪستان ??ي قومي اسيمبلي وزيراعظم محمد ??هباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ٿي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف قرارداد کي راءِ شماري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي وزيراعظم محمد ??هباز شريف تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم محمد ??هباز شريف تي 180 ميمبرن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙي طرح اها قرارداد قومي اسيمبلي پاران منظور ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور زندهه هجي ها ته اڄ ميمبرن جو انگ 181 هجي ها. واضح ره?? ته وزيراعظم جي عهدي تي برقرار رهڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جو اعتماد لازمي آهي.