لاهور- 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آه?? ته حڪومت، عدليه ۽ وڪيلن جي اها ذميواري آه?? ته هو مظلومن جي مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيلن ۾ قيدين لاءِ علاج جي سهولتن سميت ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح آه??، قوم مون کان سوال پڇندي آه?? ته عدالتن قيدين جي بدترين حالتن بابت ڪيترا پاڻمرادا نوٽيس ورتا، اجتماعي ڪوششن سا?? ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوٽ لکپت جيل جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف مرد ۽ عورت قيدين سا?? ملاقات ڪئي. انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ موقعي تي حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن قيدين ۾ عيد گفٽ ورهايا، جيل ۾ قيدين لاءِ اسپتال، ڪچن، عورت بيرڪ ۽ جيل جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. هن جيل اسپتل ۾ ڪينسر سميت ٻين مريضن جي عيادت ڪئي ۽ انهن جي علاج جي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن صفائي جي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي جيل کاتو ۽ جيل سپرنٽنڊنٽ به م??جود هئا. جيل سپرنٽينڊنٽ بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ته نون آيل قيدين کي 14 ڏينهن لاءِ ڌار سيل ۾ رکيو ويندو آه?? ۽ ان کانپوءِ انهن کي لاڳاپيل بيرڪن ڏانهن موڪليو ويندو آه??، ٽي ايم اي جي بند گاڏي روزاني جيل مان گندڪچرو کڻندي آه??. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن هو تقريبن پنج مهينا ان جيل ۾ هو ته ان وقت صفائي جي صورتحال تسلي بخش نه هئي تنهن هوندي به هاڻي ۾ ان ۾ بهتري نظر اچي رهي آه??. وزيراعظم سا?? ملاقات دوران عورت قيدين پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو، هڪ عورت وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن جو پورو خاندان جيل ۾ آه??. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي قانون موجب هي معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جيل ۾ قيد هڪ ڀارتي عورت پنهنجي ڊي پورٽ ڪرڻ جو معاملو اٿاريو جنهن تي وزيراعظم چيو ته هو ان معاملي تي لاڳاپيل عملدارن کان قانون موجب ڪاروائي لاءِ چوندو. جيل عملدارن ٻڌايو ته هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آه??. هڪ ٻي عورت وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو 23 سالن کان جيل ۾ آه??. جيل عملدارن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڄاڻايل عورت خلاف قتل ۽ دهشتگردي جو ڪيس آه?? ۽ ان کي 25 سالن جي سزا ملي آه??، هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آه??. وزيراعظم ان معاملي تي قانوني مدد جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هڪ معذور عورت جو مسئلو به حل ڪرڻ لاءِ قانوني قدمن جي هدايت ڪئي. هڪ ٻي عورت ٻڌايو ته هو 11 سالن کان جيل ۾ قيد آه??، جيل عملدارن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ان کي به 25 سال جي قيد جي سزا ملي آه??. وزيراعظم اهو معاملو به قانون موجب اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عورت قيدين ۾ عيد جا تحفا پڻ ورهايا. وزيراعظم جيل ۾ اسپتال جي دوري جي موقعي تي جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا قيدي جو ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي. شهباز شريف جيل ۾ علاج هيٺ مريضن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي فوري حل جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته م??هنجي دوري جو مقصد قيدين جي مشڪلاتن جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪرڻ آه??، جيل جي اندر قيدين جي تاثرن جي باري ۾ ڄاڻان ٿو، قيدي پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن کي ياد ڪندا آه??، جيل ۾ قيد ماڻهن جا گهروارا پنهنجي پيارن کي ياد ڪندا آه??، قيدين جي مسئلن کي ٻڌو آه?? ۽ انهن جي جائز ضرورتن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون آه??. هن چيو ته پاڪستان جي سمورين جيلن ۾ بيت الخلا جي حالت انتهائي خراب آه??، بيت الخلا ۽ انهن جي صفائي کي برقرار رکڻ حڪومت ۽ جيل انتظاميه تي فرض آه??. گندگي سان بيماريون پکڙجنديون آه??. هن چيو ته ڪچرو کڻڻ لاءِ ٻيهر بهترين نظام فعال ڪيو ويو آه??، جڏهن آئون جيل ۾ قيد هئس ته بيل گاڏي ذريعي ڪچرو کنيو ويندو هو جنهن سان گندگي پکڙجندي هئي، قيدين جي وهنجڻ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ جو نظام فوري ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته بيماري ۽ صحت انساني زندگي سان جڙيل آه??، لاهور جي ٻن جيلن ۾ 8 هزار قيدي آه??، انهن جي علاج معالعج جو نظام خراب آه??، انهن جي ٽيسٽ جو ڪو به نظام ناهي. قيدي جيل ۾ مري ويندا آه??، انهن کي سزا قانون ۽ انصاف جو فيصلو آه?? پر انهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ ضروري آه??، قرآن پاڪ ۾ به قيدين جي حقن جي حوالي سان واضح حڪم آه??، قيدين لاءِ خصوصي اسپتال هجڻ گهرجي جنهن ۾ رشوت ۽ سفارش کانسواءِ انهن جو علاج ڪري سگهجي. وزيراعظم آءِ جي جيل کاتي ۽ آءِ جي پنجاب کي خصوصي هدايتون ڪيون ته هو قيدين جي ف??اح ۽ بهبود ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ جامع منصوبو ۽ حڪمت عملي هڪ هفتي ۾ ترتيب ڏي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته قيدي وڪيلن جي فيس ادا نٿا ڪري سگهن ته انهن کان علاج جو خرچو وٺڻ ڪٿان جو انصاف آه??، عام قيدين لاءِ لاهور ۾ پهرين پائليٽ منصوبي طور اسپتال قائم ڪيو ويندو ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ ان جو دائرو وڌايو ويندو، بيمار قيدين جي مناسب علاج ۽ دوائن جي فراهمي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آه??. هن هدايت ڪئي ته جيل ۾ قيدين جي ضمانت ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ مالي امداد جي منتظر قيدين جي امداد جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته جيلن ۾ قيدين کي پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو معاشري جا باوقار شهري بڻجي سگهن ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ڪجهه قيدين کي 70 سالن جي سزا ٿي آه??، پر عمر قيد جي سزا 25 کان 30 سال هوندي آه??، 30 سالن کان وڌيڪ سزا ڪٽيندڙن کي رعايت ملڻ گهرجي، لوئر ڪورٽس ۽ اعليٰ عدليه کي گذارش آه?? ته اهڙن ڪيترن ڪيسن جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، پاڻمرادو نوٽيس عوامي مفاد جي معاملي تي ورتو ويندو آه??، هزارين قيدين جي قانوني موجب فوري آزادي ٿي سگهي ٿي، قوم مون کان پڇي ٿي ته ان تي ڪيترائي پاڻمرادو نوٽيس ورتا ويا، اهڙا قيدي جن وٽ وڪيلن جي فيس ۽ ڏنڊ ادا ڪرڻ جا پئسا ناهن انهن جي آزادي لاءِ جڊيشل آفيسر ۽ حڪومت مدد ڪن. عيد تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري قيدين کي آزاد ڪيو ويو. وزيراعظم پوري پاڪستاني قوم کي عيدالفطر جو مبارڪون ڏنيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي. هن چيو ته اسان اجتماعي دانشمندي ۽ متحد ٿي ملڪ کي انهن مسئلن مان ڪڍي سگهون ٿا. اسان کي ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي مفادن لاءِ اٿڻو پوندو، ان کانسواءِ ڪو به م??ڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي هن علامه محمد اقبال جو اهو شعر ٻڌايو ته ”فرد قائم ربط ملت سي تنها ڪڇ، موج هي دريا ۾ اور بيرون دريا ڪڇ نهين“ اسان کي به قوم جي هر فرد ۾ لڳاءُ پيدا ڪرڻو پوندو.