اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ 2 فيڪٽرين ۾ باهه وسائيندي شهيد ٿيندڙ 4 فائر فائٽرز کي خراج عقيدت پيش ڪندي باهه لڳ?? جي واقعن تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف باهه وسائيندڙ عملي جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خلقِ خدا جي جان بچائيندي شهيد ٿيندڙ فائر فائٽرز جي بهادري ۽ خدمت جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم سنڌ حڪومت کي شهيد فائر فائٽرز جي گهرڀاتين جي مالي مدد ۽ ٻارن جي تعليم ۽ ڪفالت جي ل??ءِ قدم کڻ?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي علاج جي بهترين سهولت??ن فراهم ڪر?? جي پڻ هدايت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ل??ءِ دعا ڪئي.