اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سيني?? آف پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، دنيا ماحولياتي گدلاڻ ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو به ڪردار نه هجڻ جي باوجود هن جي متاثر ٿيڻ جو ازالو ڪري ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي. قانون واري وزير سينيٽ جي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته انهن تقريبن جي موقعي تي معاشري جي مختلف طبقن جي نمائندن جا خيال ٻڌڻ جو موقعو مليو آهي، مشهور ڪاروباري شخصيتن، ناميارن وڪيلن ۽ صحافين جا خيال ٻڌڻ جو موقعو ميسر آيو، هن ايوان کي ڪميٽي آف دي هول ۾ تبديل ڪرڻ جو تصور بهترين هو ۽ سمورن مهمانن کي هتي پنهنجي خيالن جو اظهار جو موقعو ڏيڻ اهم قدم آهي، سينيٽ چيئرمين سڀني کي گڏجي ويهڻ جو موقعو ڏنو ته هو هتي ويهي سيني?? آف پاڪستان جي 50 سالا تاريخ جو جائزو وٺن ۽ بطور قوم هتي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن کي بحث هيٺ آڻين. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، سينيٽ جو ڪردار عا??مي فورمن تي نمايان رهيو آهي، پنهنجي موقف کي بيان ڪيو، هن چيو ته عا??مي برادري کي اسلام آباد ۾ موجود سفارتڪارن جو هڪ وڏو تعداد هتي موجود آهي ان جي موجودگي جو فائدو کڻندي آئون عا??مي سطح تي ماحولياتي تبديلين ??ي چئلينجن جو ذڪر ڪندس، گذريل گرمين ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ان جي ڪري ٻوڏ آئي، آئون عا??مي سطح تي هي معاملو اڪثر اٿاريندو رهيو آهيان ته پاڪستان جو عا??مي گدلاڻ ۾ هڪ سيڪڙو به حصو ناهي پر اسان ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اسان عا??مي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ پاڪستان سان گڏ بيهي، اسان سڀني کي پاڪستان سان گڏ بيهڻو پوندو، پاڪستان لاءِ ه?? مشڪل وقت آهي، پاڪستان جي عوام ۽ مملڪت پاڪستان جي بهتري لاءِ اسان سڀ گڏ بيٺل آهيون.