ڪراچي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينيئر صحافي طاه?? نجمي جي لاڏاڻي تي اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته طاه?? نجمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي، طاه?? نجمي مرحوم محنتي صحافي هو، سندس لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. بلاول ڀٽو زردا??ي چيو ته دعاڳو آهيان الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي.