اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين عورتن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آه?? ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضروري آه??. عورتن جي عالمي ڏهاڙي 8 مارچ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چي?? ته اسان عورتن کي س??اج?? ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت ۽ انهن کي سبق حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا. صدر چي?? ته هن سال جو عنوان ”ڊيجيٽ آل: صنفي برابري جي لاءِ جدت ۽ ٽيڪنالاجي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ڊيجيٽل تفريق اڄ جي تيز رفتار ۽ سدائين بدلجندڙ دنيا ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ شموليت جي راهه ۾ هڪ اهم رڪاوٽ آه??. ڊيجيٽل دنيا ۾ عورتن جي اهم خدمتن جي باوجود ٽيڪ ايجوڪيشن، ڪيريئر ۽ گورننس ۾ انهن جي نمائندگي گهٽ آه?? پر ڪوويڊ 19 جي وبا دوران ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز استعمال ڪندڙ عورتن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آه??، جيتوڻيڪ اهو تمام حوصلي جوڳو آه?? جڏهن ته اسان کي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين انهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چي?? ته اسان کي عورتن جي لاءِ هڪ محفوظ، وڌيڪ جامع ۽ برابر ڊيجيٽل دنيا بڻائي ڊيجيٽل تفريق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. مون مون کي يقين آه?? ته ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز انهن جي لاءِ ڊيجيٽل معيشت ۾ حصو وجهڻ ۽ تعليم، صحت، بئنڪنگ، قرضن ۽ ٻين ضروري خدمتن تائين انهن جي پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري سگهن ٿيون. هن چي?? ته پاڪستان کي خاص طور تي اسان جي ڏورانهن علائقن ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل خواندگي جي پروگرامن کانسواءِ انهن کي انٽرنيٽ سروسز، ليپ ٽاپ ۽ ٻين ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين پهچ وڌائڻ جي ضرورت آه??. هن چي?? ته اسان کي وڌ کان وڌ عورتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته اهي انهن شعبن ۾ ڪيريئر ٺاهين ۽ ان مقصد جي لاءِ انهن کي ضروري هنر ۽ تربيت حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. صدر چي?? ته پٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ وسيلا ۽ مدد فراهم ڪرڻ ضروري آه??. صدر چي?? ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڪيترائي اقتصادي ۽ قانونسازي جا قدم کنيا آه?? جن ۾ آسان شرطن تي ڪاروباري قرضن جي فراهمي، عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ ۽ هراسمينٽ کان تحفظ جا قانون شامل آه??. اهڙي طرح اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ صنفي مين اسٽريمنگ پاليسي تيار ڪئي آه?? جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ عورتن جي مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ آه?? ۽ مالياتي شعبي ۾ عورتن جي تناسب کي 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آه??. هن چي?? ته پاڪستان پاران کنيل ٻين قدمن ۾ عورتن جي ترقي ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي قومي پاليسي، انساني حقن بابت قومي ڪميشن، صنفي برابري بابت پاليسي فريم ورڪ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جا پئڪيجز شامل آه??. صدر چي?? ته عورتن جي هن عالمي ڏينهن تي آئون حڪومتن، اين جي اوز ۽ خاص طور تي عورتن سميت سمورين ڌرين کان صنفي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪرڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. هن چي?? ته حڪومتن، بئنڪنگ ۽ نجي شعبي کي ڊيجيٽل ذريعن وسيلي عورتن جي س??اج?? ۽ اقتصادي شموليت جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. اچو اسان صنفي برابري کي حاصل ڪرڻ جو وچن ڪريون ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي ذريعي سڀني جي لاءِ هڪ وڌيڪ منصفاڻي ۽ برابر دنيا ٺاهڻ جي لاءِ ڪم ڪريون.