پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام جي نالي تي نماز دوران مسجدن ۽ معصوم شهرين تي حملو بدترين فعل آهي، پاڪستاني عوام انتهاپسندن جي بي بنياد نظريي ۽ مذهب جي غلط تشريح ڪندڙ عن??رن جي اصلي چهرين کي سڃاڻي ورتو آهي، اهڙا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خلاف اسان جي قومي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، معصوم شهرين تي ڪيل ان حملي ۾ ملوث شرپسند عن??رن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هنگامي دوري تي پشاور پهتو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ گڏ هئا. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي ڪور ڪمانڊر پشاور دهشتگردي جي سببن جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني جڏهن ته انسپيڪٽر جنرل پوليس خيبرپختونخواهه پوليس لائينز ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي تي شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي پوليس لائينز ۾ خودڪش حملي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ ڏيکاري وئي. شرڪت ڪندڙن پوليس لائينز حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ متاثر خاندانن سا?? همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي دفاع تي مقرر ادارن تي حملا ڪري خوف ۽ دهشت جي فضا پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن کي رياست ۽ عوام جي اتحاد جي قوت سا?? ناڪام بڻائينداسين. دهشتگردي جي خلاف پاڪستان عظيم قربانيون ڏنيون آهن، اسان شهيدن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي وارن ادارن، پوليس جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو ڪيو ويندو، نيشنل ايڪشن پلان تي پوري قوت سا?? عملدرآمد يقيني بڻائينداسين. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جو دورو ڪيو. پوليس لائينز ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت ڪئي ۽ انهن سا?? يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي گهر ۾ سجدو ڪندڙ ن??از??ن جو رت وهائيندڙ مسلمان نٿا ٿي سگهن. اهو ڏوهه ڪندڙ الله تعاليٰ جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا، انهن ڏوهارين جو مڪمل خاتمو ڪري سک جو سا??ه کڻنداسين. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسلام جي نالي تي نماز دوران مسجدن ۽ معصوم شهرين تي حملو ڪرڻ بدترين فعل آهي. پاڪستاني عوام انتهاپسند جي بي بنياد نظريي ۽ مذهب جي غلط تشريح ڪندڙ عن??رن جي اصلي چهرن کي سڃاڻي ورتو آهي. اهڙي طرح جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خلاف اسان جي قومي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، معصوم شهرين تي ڪيل ان حملي ۾ ملوث شرپسند عن??رن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.