وزيراعظم پاران سردار رياض محمود خان مزاري سان سندس والد اڳوڻي نگران وزيراعظم سردار بلخ شير مزاري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

image
APP62-231122 ISLAMABAD: November 23 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif offers Fateha for former Caretaker Prime Minister Sardar Balakh Sher Mazari (Late). APP/TZD/FHA

اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي ميمبر سردار رياض محمود خان مزاري جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس والد اڳوڻي نگران وزيراعظم سردار بلخ شير مزاري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سردار بلخ شير مزاري جون ملڪ جي لاءِ بي مثال خدمتون هيون جن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم سردار بلخ شير مزاري جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان
متعلقہ مضامین
مزید خبریں