اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. اها ڳا??هه هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي تقري?? ۾ ??الهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران يو اي اي جي سفير کي خيرسگالي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو آهن، يو اي ??ي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپا??ي حصيدار آهي جنهن جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي غيرملڪي سيڙپڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ دعاڳو آهيون. تقري?? ۾ ??ڏيل عرب امارات جو قومي ترانو ۽ روايتي رقص پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته پارليامينٽ ميمبر، سياسي اڳواڻن سميت مختلف ملڪن جا سفارتڪار به ان موقعي تي موجود هئا. يو اي اي جي سفير پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.