اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي انفارميشن سينٽر ۾ (اڄ) سڌ سماءَ وارن ذريعن کي نظرثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوبي 2022ع جي جاري ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وي??دي جنهن جو انتظام يو اين پاڪست??ن ڪيو آهي. بريفنگ ۾ سڌ سماءَ وارن ذريعن کي نظر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس پلان 2022ع بابت تفصيلي ??گاهي ڏني وي??دي. گڏيل قومون ٻوڏ متاثرن کي امداد جي فراهمي ۽ انهن جي بهالي لاءِ نظر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوبو جنيوا ۾ جاري ڪري رهيون آهن. بريفنگ ۾ نظرثاني ٿيل اپيل تي توجهه ڏني وي??دي جنهن جي شروعات جنيوا ۾ ٿي رهي آهي. گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ وقتي ريزيڊنٽ ڪو آرڊينيٽر ۽ خوراڪ جي عالمي اداري جو نمائندو ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪر?? ڪائي، گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس جو فيلڪس اومونو ۽ ٻيا ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا.