اسلام آباد/نواب شاهه – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرندي وارن کي ٻوڏ سٽيلن جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عورتن، ??ارن، انهن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي نو??بش??هه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. صدر پاران پنجاب حڪومت جي تعاون سان نو??بش??هه جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ 5 ڪروڙ جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. صدر نو??بش??هه ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ??قصانن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻوڏ جي ڪري ٻين علائقن ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي، شايد هي سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۾ وڏي ٻوڏ آئي، عالمي گرمي پد جي اضافي ۾ پاڪستان ??و حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان ??ن کان متاثر ٿيندڙ ??لڪن ۾ سرفهرست آهي، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ ??قصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. صدر چيو ته موسمياتي تبديلي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي مثبت ۽ ڏورس قدمن جي ضرورت آهي، ٻوڏ کان متاثر عورتن ۽ ٻارن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ??وڏ جي ڪري لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل، گهرن ۽ عمارتن جو نقصان ڏسي شديد افسوس ٿيو. صدر سرندي وارن کي متاثرين جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم مشڪل وقت ۾ سدائين پنهنجي ڀائرن جو سهارو بڻي آهي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي پاڪستاني رهواسين سان گڏ آهيون، ??شڪلاتن جو هر ممڪن ازالو ڪيو پيو وڃي، خواهش آهي ته جلد کان ??لد ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪيو وڃي. صدر چيو ته حڪومت ۽ سمورا فلاحي ادارا ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهيا آهن. صدر ڪئمپ ۾ رهندڙ ??وڏ متاثرين سان پڻ ملاقات ئي. صدر کي ان موقعي تي ان??ظا??يا پاران ??ريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نو??بش??هه جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، 247000 ايڪڙ کان وڌيڪ فصل تباهه ٿيا، اسڪولن ۽ گهرن کي تمام گهڻو نقصان پهتو.