اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي مڪمل ري رڪارڊ قومي تراني جي شروعات ڪندو، پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي سمورا پاڪستاني پرجوش آهن، اسان پنهنجي قومي هيروز، قوم?? ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين، اطلاعات ??اري وزارت جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي سالگرهه قومي جذبي سان ملهائي پئي وڃي. اها ڳالهه هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڊيجيٽل فوٽوگرافي نمائش جي افتتاحي تق??يب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اطلاعات ??اري وزارت جي اهتمام هيٺ مختلف تق??يبن جو شيڊيول جوڙيو ويو آهي. هن سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي قومي تراني جي نئين سر رڪارڊنگ مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن جو پرومو اڄ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته 1954ع ۾ قومي ترانو پهريون ڀيرو رڪارڊ ٿيو هو، ان کانپوءِ ان ۾ جدت آندي ويندي رهي. هن چيو ته نئين سر رڪارڊ قومي ترانو پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ مان آرٽسٽن گڏجي ڳايو آهي. هن ٻڌايو ته قومي تراني جي رڪارڊنگ جو ڪم 2017ع ۾ شروع ٿيو هو، گذريل حڪومت ۾ به ان تي ڪم جاري رهيو، گذريل چئن مهينن کان ان تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي نئين سر رڪارڊ ڪيل قومي ترانو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تق??يب ۾ رليز ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، هن ڀيري پاڪستان جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ ۾ نوجوانن سميت هر پاڪستاني پرجوش آهي. ڪافي ٽيبل بڪ ج?? ڊيجيٽل لانچ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات ??اري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪافي ٽيبل بڪ ۾ پاڪستان ج?? ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي، ڪو به شخص ڪافي ٽيبل بڪ کي پنهنجي موبائيل تي ڊائون لوڊ ڪري ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪافي ٽيبل بڪ کي ڪيو آر ڪوڊ سان لنڪ ڪيو ويو آهي، موبائيل فون جي ذريعي ڪيو آر کي اسڪين ڪري ڪافي ٽيبل بڪ کي ڏسي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي اسان پنهنجي قومي هيروز، قوم?? ثقافت ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪنداسين. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ان ڏينهن پاڪستان ٽيليويزن ضرور ڏسي، قومي چينل تي پاڪستان ڪهاڻي جي نالي سان مختلف سيريز پيش ڪيون پيون وڃن، انهن سيريز ۾ ملڪي تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تي اهي سموريون اسٽوريز ٻارن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن جن ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين جو ذڪر آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان روزانو جون سرگرميون پي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ڪيون پيون وڃن، 75 سالا تق??يبن ۾ پاڪستان جي اندر ٽيڪنالاجي، ماس ٽرانزٽ، ڪنيڪٽيويٽي، پاڪستان هڪ ائٽمي قوت جي حوالي سان سمورين شين کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 سالا تق??يبن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پڻ مهم جاري آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ اسان هر ڏينهن سرگرمين کي اجاگر ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ڊيجيٽل تصويري نمائش منعقد ڪرڻ کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي مبارڪباد پيش ڪئي. واضح رهي ته نمائش جو انعقاد ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪيو ويو هو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سميت اطلاعات ??اري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ تق??يب ۾ موجود هئا جن ڊيجيٽل تصويري نمائش جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات ??اري وفاقي وزير ڪافي ٽيبل بڪ ج?? پڻ افتتاح ڪيو. تق??يب ۾ پاڪستان جي آزادي جي حوالي سان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي.