قلعه سيف الله – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اين ڊي ا??م اي ۽ پي ڊي ا??م اي گڏجي سروي ڪن، متاثرين کي ??ها??ش، خوراڪ ۽ علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن اها هدايت خوشنوب خيما بستيءَ جي دوري دوران ڏني. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتيزئي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي به وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم کي ا??ن ڊي ا??م اي ۽ پي ڊي ا??م اي جي عملدارن طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصلن، باغن، روڊن ۽ ننڍن ڊيمن کي ٿيندڙ نقصانن، ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لسٻيلا، ڪيچ، ڪوئيٽا، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ ٻين ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته زوب ڊويزن ۾ ماڻهن جو اڪثر ??ارومدار زراعت ۽ چوپايو مال پا??ڻ تي آهي، اتي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اٽڪل 10 هزار ڊيمن ۽ ماڻهن کي نقصان پهتو آهي. صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٿيندڙ نقصانن جي ا??گن اکرن کي گڏ ڪ??و پيو وڃي جنهن جي بنياد تي بحالي جي سرگرمين کي اڳتي وڌايو ويندو. بيمارين کي روڪڻ ۽ مريضن جي علاج جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳايون ويون آهن جتي ماڻهن کي علاج جي بهترين سهولتن کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان کانسواءِ ويٽرنري اسپتالن جو به انتظام ڪيو ويو آهي. ماڻهن تائين روزاني جي استعمال جون شيون ۽ ٻيون ضروري شيون پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم اين ڊي ا??م اي ۽ پي ڊي ا??م اي جي عملدارن کان نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين بابت معلومات ورتي. لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي کاتن پاران متاثرين جي ا??داد لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ پاڪ فوج ۽ ايف سي جي ا??لڪارن ڀرپور مدد ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين جي هر طرح سان دادرسيءَ ڪئي وڃي ۽ انهن کي ??ها??ش، خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون پهچايون وڃن. وزيراعظم خيما بستيءَ ۾ قائم ميڊيڪل ڪئمپ جو به دورو ڪيو ۽ اتي ماڻهن کان علاج جي سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو.