اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ ??نا??گيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، افغان ??نا??گيرن لاءِ عالمي امداد م مسلسل گهٽتائي جي باوجود پاڪستان انهن کي سڀئي ممڪنه سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪستان سڄي دنيا ۾ ??نا??گيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار ??نا??گيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اهو عالمي ڏينهن ??نا??گيرن جا مسئلا سمجهڻ ۽ انهن جي زندگي جي حالت سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، 1979ع کان لکين افغان ??نا??گير پاڪستان اچڻ شروع ٿيا، افغانستان جي اندروني حالتن جي ڪري گذريل چئن ڏهاڪن کان اهو سلسلو ج??ري آهي، هن چيو ته قومي ڪووڊ پروگرام تحت 14 لک رجسٽرڊ افغان ??نا??گيرن ۽ 8.5 لک افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرز کي ٽيسٽنگ ۽ ويڪسين جون سهولتون به فراهم ڪيون ويون آهن، ان لاءِ ??نا??گيرن لاءِ پاڪستان جي عزم تي ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي، صدر چيو ته عالمي برادري ان عالمي مقصد لاءِ پاڪستان جي تعاون جو اعتراف ڪيو آهي، ??نا??گيرن جي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالمي برادري به ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي، ??نا??گيرن جو تعلق معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن سان آهي. انهن جي مسئلن جو حتمي حل انهن جي اباڻي ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام آهي ته جيئن هو عزت ۽ وقار سان پنهنجي ملڪ واپس وڃي سگهن، صدر چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ ??نا??گيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.