اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽرٽ موجب ايف بي آر چيئرمين سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي تف??ان جي ويجهو پاڪس??ان ايران بارڊر تي بازاچي جي قيام جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته مقامي واپاري برادري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بازارچي جي قيام جو منصوبو شروع ڪيو آهي، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جلد ئي ان بازارچي جو افتتاح ڪندو، سينيٽ چيئرمين ايف بي آر جي پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته واپاري سرگرمين جي فروغ لاءِ ۽ مقامي واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطر اهڙن منصوبن جو آغاز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جو معيش?? تي مثبت اثر پوندو. سينيٽ چيئرمين ان ح??الي سان پنهنجو ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل م به ايف بي آر پاران اهڙيون ??وششون جاري رهنديون.