اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي ڪراچي ۾ دهشتگردي سبب فوت ٿيندڙ چي??ي شهرين کي پاڪستان ??ڪومت پاران لاڏاڻي کانپوءِ تمغه پاڪستان ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري ??يا?? موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽن چي??ي شهرين کي تمغه پاڪستان ڏيڻ جي ايڊوائيس صدر کي موڪلي هئي. چي??ي شهري 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻيا هئا. چيني استاد ڪراچي يونيورسٽي جي داخلي دروازي تي خودڪش ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويا هئا. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر هوآ??گ گيوپنگ، ??ِن?? موفانگ ۽ ڇن سائي کي اعزاز ڏنو ويو آهي. چيني رهواسين کي چين پاڪستان ??وستي جي لاءِ عظيم خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏنا ويا.