اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته طب جي شعبي ۾ خدمت?? جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي، مشڪل حالتن ۽ تڪليف ۾ ورتل مريضن کي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورتن ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوض?? جي ادايئگين کي بهتر بڻائ?? جي ض??ور?? آهي، پاڪستان ۾ نرسنگ جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ ۽ معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جار بيان موجب وزيراعظم نرسز جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا ۾ نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انسانيت جي خدمت تي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستا?? جي نرسز جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. نرسز انسانيت جي خدمت جو تمام وڏو شعبو آهي، ا?? جي طبي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، ڪورونا وبا ۾ نرسز ڊاڪٽرز سان گڏجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ کان بنا قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته ڊاڪٽرز سان گڏوگڏ نرسز به پنهنجي جاني?? جي قرباني ڏئ?? ڪورونا جي جنگ وڙهي، ڊاڪٽرز ۽ نرسز ڪورونا جي مشڪل ترين صورتحال ۾ پنهنجي خانگي زندگي ۽ ٻار?? جي لاءِ وقت به انسانيت جي خدمت ??ي قربان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ نرسز شاندار خدمتون انجام ڏنيون آه?? جيڪي تاريخ جو سنهري ۽ قابل فخر باب آهي. صحت جي عالمي اداري دنيا جي 100 بهترين نرسز اينڊ مڊ وائف ليڊرز جي درجابندي ۾ 10 پاڪستاني عورتن جو سرفهرست هجڻ انه?? جي خدمتن جو عالمي اعتراف آهي، پاڪستا?? جي نرسز ک?? ڪورونا دوران گهربل طبي سهولتون نه هجڻ جي باوجود مريض?? جي جان بچائي انسانيت جي خدمت جي سنهري تاريخ لکي، هن چيو ته طب جي شعبي ۾ خدمت?? جي فراهمي ۾ نرسز جو ڪردار وڏو بنيادي ۽ اهم آهي. مشڪل حالتن ۽ تڪليفن ۾ ورتل مريض?? جي سارسنڀال ۾ نرسز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورت ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوض?? جي ادائيگين کي بهتر بڻائڻ جي ض??ور?? آهي، پاڪستان ۾ نرسز جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ، معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. عورت نرسز خاص طور تي معاشرتي نامناسب روين جو شڪار بڻجنديون آهن جنه?? جي حوصلا شڪني ۽ ان ڏس ۾ آگاهي پکيڙڻ جي ض??ور?? آهي.