اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارت??ان?? جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي جي نتيجي ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، پورو پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪ چين د??ستي تي حملو ٿيو آهي، پاڪستان دشمن جو تعاقب ڪندو، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ذريعي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان عظيم دوست چين سان پنهنجي سدابهار، لازوال دوستي تي آنچ اچڻ نه ڏيندو. قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته چيني رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو، پاڪستاني عوام چيني رهواسين جي مارجڻ تي ڏکويل آهي. قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيني سفارت??ان?? ۾ مهمانن جي لاءِ رکيل ڪتاب ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عوام سان همدر??ي جو اظهار ڪندي پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.