اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته غير ملڪي سيڙپڪارن کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ??احول مان فائدو کڻڻ گهرجي آزاداڻي سيڙپڪاري نظام س??ن غير ملڪي ڪاروباري ماڻهن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي. هو برطانيه جي ڪاروباري وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدرچيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرُڪشش مقام آهي ۽ هتي سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، غير ملڪي سيڙپڪار ملڪ جي ڪاروبار دوست ??احول مان فائدو کڻن. هن چيو ته ملڪ جي آزاداڻي سيڙپڪاري نظام س??ن غير ملڪي ڪاروباري ماڻهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ملندي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ بهترين معاشي ۽ واپاري لاڳاپا آهن، برطانيه جا ڪاروباري ماڻهو معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن چيو ته حڪومت خصوصي اقتصادي ۽ ٽيڪنالا??ي زونز اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ ??را??تون فراهم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته حڪومت سيڙپڪارن کي پُرڪشش ??را??تن جي فراهمي جي ذريعي خصوصي زونز ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهي آهي.