اس??ام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي سلسلي ۾ اسلامي ميمبر ملڪن جا وفد اس??ام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، مصر جو پرڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پا??ستان آيو آهي جڏهن ته اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ به سومر جي صبح اس??ام آباد پهچي ويو آهي. اس??ام آباد ايئرپورٽ تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ پا??ستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي بين مذاهب ۽ هم آهنگي ۽ وچ اوڀر بابت خاص نمائندي حافظ محمود طاهر اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ چيو ته پا??ستان جو عالم اس??ام ۾ اعليٰ مقام آهي، پا??ستان ۾ ڪجهه مهينن ۾ ٻه ڀيرا عالم اسلام جي پرڏيهي وزيرن جو اچڻ پا??ستان جي مقام کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس عالم اسلام جي مسئلن، مسلمان امت جي صورتحال ۽ عالمي دنيا جي حالتن تي اهم فيصلا ڪندو. مصر جو پرڏيهي وزير سامع شڪري چيو ته پا??ستان ۽ مصر ٻه ڀائر ملڪ آهن، پا??ستان مصر جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ انتهاپسندي، د??شت??ردي جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ پا??ستان، مصر گڏجي ڪم ڪندا. پا??ستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي خاص نماندي حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي، پا??ستاني قوم پنهنجي معزز مهمانن کي خوش آمديد چئي ٿي. هن چيو ته اس??ام آباد کان مظلوم ڪشميرين، فلسطينن جي ڳالهه ٿيندي ۽ امت جي مسئلن لاءِ عملي لائحه عمل ملندو، هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جا مهمان مخالف ڌر جا ميمبر هوندا، انهن پاران مثبت رويو سامهون آيو آهي، مخالف ڌر اسلامي تعاون تنظيم جي حوالي سان جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو آهي اهو درست رخ ۾ قدم آهي.