اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ان ??مريڪا جي لاءِ پاڪستان ??ي نامزد سفير مسعود خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??مريڪا سميت سمورن ملڪن سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ح??يداري ۽ گڏيل هدفن جي بنياد تي قائم آهن. وزيراعظم نامزد سفير مسعود خان کي هدايت ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان ??ابطو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي تمام گهڻي متحرڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پبلڪ ڊپلوميسي جي لاءِ ڪم ڪري. هن پاڪستان ??ي پرڏيهي پاليسي جي تر??يح?? کي صحيح طور تي اجاگر ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم نامزد سفير کي نئين ذميوارين جي سلسلي ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير مسعود خان هڪ تجربيڪار سفارتڪار آهي ۽ چين ۾ پاڪستان ??ي سفير طور پڻ ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي، هو نيويارڪ ۽ جنيوا سميت گڏيل قومن ۾ پاڪستان ??ي مستقبل نمائندي طور پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ واشنگٽ?? ڊي سي ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.