اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايف بي آر اوڳاڙين جي فيبروري جي هدف کي ڪاميابي سان حاصل ڪي?? آهي، ان دوران 441 ارب رپين جون ٽيڪس اوڳاڙيون وصول ڪي??ن ويون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي مجموعي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 28.5 سيڪڙو جڏهن ته ماهوار بنياد تي 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ايف بي آر جي ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ اسان پيٽرول، ڊي??ل ۽ بجلي تي سبسڊي ڏ??ڻ جي قابل ٿياسين جنهن سان ماڻهن کي ريليف فراهم ڪي?? ويو آهي.