اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جي دعوائن جو پول کولي ڇڏيو آهي، اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ جا طعنا ڏيڻ وارا مريم ۽ بلاول پنهنجي پارٽي اڪائونٽس جو جواب ڏين. اڪبر ايس بابر جي درخواست ۽ گڏ لڳل سڀئي دعوائُون ڪوڙيُون ثابت ٿيُون آهن، ڪو ثبوت موجود نه هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سا?? ڳالهائيندي چيو ته ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي جي فنڊنگ جي حوالي سا?? ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اڄ اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ جمع ٿي آهي، پيروائيز جواب اليڪشن ڪميشن جي سا??هون رک?? رهيا آهيون، انهي رپورٽ ۾ اڪبر ايس بابر جيڪو چار سا?? آئيني فورم جي سا??هون اچي اهو چوندو رهيو ته فارن فنڊنگ ورتي آهي، مون وٽ ثبوت موجود آهن، اها درخواست خارج ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن ۾ هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، ا?? درخواست ۾ درخواست ڪئي وئي آهي اڪبر ايس بابر کي ان ڪيس کان ڌار ڪيو وڃي، اسڪروٽني ڪميٽي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي آهي اليڪشن ڪميشن ان ڪيس کي ٻڌند?? رهي، مملڪتي وزير چيو ته اڪبر ايس بابر اسڪروٽني ڪميٽي کي مطئمن ناهي ڪري سگهيو ان کي ڌار ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو فارن فنڊنگ ڪيس هل?? رهيو آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڳجهن اڪائونٽس جا تفصيل نه ڏئي سگهيون، ڪروڙين روپين جا ڪي به ثبوت نه آهن، پاپڙ وارا، فالودي وارا ۽ مئل ماڻهن جي اڪائونٽس مان پئسا نڪر?? رهيا آهن، اسڪروٽني ڪميٽي ميمبرن جي رٽائرڊ ٿيڻ سا?? غير فعال ٿي چڪي آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊ وٺڻ جا طعنا ڏيڻ وارا مريم ۽ بلاول پنهنجي پارٽي اڪائونٽس جو جواب ڏين، پي ٽي آءِ پنهنجا سمورا ثبوت پيش ڪيا، باقي به اڳتي وڌن. ڪڏهن عدالتن تي حملا، ڪڏهن جسٽس قيوم جهڙن ماڻهن کان مرضي جا فيصلا ٻڌائيندا آهن، راڻا ثناءُ الله جي ججز کي تازي ڌمڪي سڀني جي سا??هون آهي، اهو عدليه تي حملو آهي، اعليٰ قيادت جو نوٽيس نه وٺڻ جو مطلب اهو آهي ته انهن جي پارٽي پاليسي آهي، انهن ڀڀڪين سا?? ڪجهه ناهي ٿيڻ وارو. مسرور انور ڪير آهي، فرخ حبيب چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته رانا ثناءُ جي عدليه ڌمڪين تي ن ليگ معافي گهري، پهريون ڀيرو طاقتور جو احتساب ٿ?? رهيو آهي اسان احتساب جي عمل سا?? گڏ آهيون.